جي يو آءِ س پاران مولانا سميع الحق جي قتل جي خلاف پوري ملڪ اندر احتجاج جو اعلان

news

نوشهرا: سومر 05 نومبر 2018ع: جميعت علماءِ اسلام س مولانا سميع الحق جي قتل جي خلاف جمعي تي پوري ملڪ اندر احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جي يو آءِ س جي وقتي امير ۽ مرحوم جي پٽ مولانا حامد الحق قاتلن جي فوري طور تي گرفتاري جو به مطالبو ڪيو آهي.

دارالعلوم حقانيه اڪوڙا خٽڪ ۾ جميعت علماءِ اسلام س جي مرڪزي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا حامد الحق چيو ته وقت ثابت ڪري ڇڏيو ته مولانا سميع الحق جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي.

هن چيو ته مولانا سميع الحق جي قتل جا ذميوار اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڪستان ۾ امن تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، مولانا جي قت لجي سازشن کي بي نقاب ڪيو وڃي ۽ قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

مولانا حامد الحق چيو ته مولانا سميع الحق خلاف سوشل ميڊيا تي منفي پروپيگنڊا بند ڪئي وڃي، اسان چاهيون ته عمران خان جي حڪومت ٻن ڏينهن ۾ ڪيرائي سگهون پيا پر جمهوريت جي عزت ڪريون ٿا.