ميان صاحب اچي رهيو آهي انتظار ڪندا؟ ڪهڙو ميان صاحب؟ چوڌري نثار جو صحافي کي سوال تي جواب

news

 اڪوڙه خٽڪ: اڱارو 06 نومبر 2018ع: ن ليگ جي ناراض اڳواڻ ۽ نواز شريف جي پراڻي ساٿي چوڌري نثار پنهنجي قائد کي سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

اڪوڙه خٽڪ ۾ مولانا سميع الحق جي گهرڀاتين سان تعزيت کانپوءِ چوڌري نثار کي صحافين گهيري ورتو. ان دوران چوڌري نثار چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪٻئي کي رستو ڏيڻو پوندو.

ان موقعي تي هڪ صحافي چوڌري نثار کان ميان نواز شريف بابت سوال ڪيو ته ميان صاحب اچي رهيو آهي توهان انتظار ڪندا؟ چوڌري نثار صحافي کان پڇيو ته ڪهڙو ميان صاحب اچي رهيو آهي؟ ان تي صحافي جواب ڏنو ته ميان نواز شريف اچي رهيو آهي. ليگي اڳواڻ چيو ته منهنجي طرفان توهان ان کي سلام چئي ڇڏجو.