سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي، پوليس کي ڪارروائي ۾ سهڪار جي هدايت

news

 حيدرآباد: اربع 07 آڪٽوبر 2018ع: سنڌ ھاءِ ڪورٽ بينچ حيدرآباد جي جسٽس عبدالمالڪ گدي ۽ جسٽس فهيم صديقي جي ڊبل بينچ ۾ ايڊووڪيٽ جي ايم لغاري جي عطائي ڊاڪٽرن خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ڊائريڪٽر صحت مبين احمد ميمڻ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر صحت نصر الله شيخ ۽ ڊي ايڇ او بدين محبوب علي خواجا پيش ٿيا. ڊائريڪٽر ھيلٿ مبين احمد ميمڻ عدالت ۾ تفصيلي رپوٽ پيش ڪندي چيو ته اسان بدين ضلعي ۾ 194 عطائي  ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون سيل ڪيون آھن. جنھن دوران جسٽس عبدالمالڪ گدي سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون بند ڪرڻ جو توھان وٽ ڪھڙو ثبوت آھي ۽ توھان گھڻا ڪيس داخل ڪيا آھن؟

جنھن تي ڊائريڪٽر صحت عدالت کي چيو ته ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اسان سان پوليس سهڪار نٿي ڪري ۽ ھن وڌيڪ چيو ته عطائي  ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي لاءِ اينٽي ڪوئيڪ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اياز سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن کي طلب ڪري اھڙو حڪم جاري ڪيو وڃي ته جيئن اسان پوري سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري سگھون.

جسٽس فھيم احمد صديقي ڊائريڪٽر صحت مبين احمد ميمڻ ۽ ڊي ايڇ او بدين محبوب علي خواجا کان سوال ڪندي پڇيو ته توھان پٽيشن ۾ مخالف ڌر ڄاڻايل تيرت ميڊيڪل اسٽور گلاب ۽ عطائي  ڊاڪٽر شڪور لاشاري خلاف ڪھڙي ڪارروائي  ڪئي آھي؟ جنھن تي عطائي ڊاڪٽر شڪور لاشاري جي وڪيل غلام الله  چانگ عدالت کي جواب ڏيندي چيو ته شڪور لاشاري عطائي ڊاڪٽر نه پر زميندار آھي، جنھن تي ڊائريڪٽر ھيلٿ حيدرآباد ۽ ڊي ايڇ او بدين عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو ته شڪور لاشاري عطائي ڊاڪٽر آھي پر ھاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ عطائي ڊاڪٽر شڪور لاشاري جي اسپتال بند پيل آھي. ان بعد پٽيشنر جي وڪيل ظھير الدين ايس لغاري عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان ڊائريڪٽر جي ھن رپوٽ مان مطمئن ناھيون.

ڊائريڪٽر ھيلٿ ۽ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر بدين عدالت کي غلط ۽ پراڻيون رپورٽون ڏئي رھيا آھن ۽ عطائي ڊاڪٽر شڪور لاشاري جو وڪيل غلام الله چانگ عدالت ۾ غلط بياني ڪري رھيو آھي. عدالت سڀني وڪيلن ۽ ڊائريڪٽر ھيلٿ مبين احمد ميمڻ ۽ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر بدين محبوب خواجا جا دليل ٻڌي حڪم جاري ڪندي ڊائريڪٽر ھيلٿ مبين احمد ميمڻ ۽ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر بدين کي چيو ته ايس ايس پي بدين کي حڪم ٿا جاري ڪيون ته پوليس ساڻ ڪري توھان ڊائريڪٽر پاڻ پوري بدين ضلعي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪاروائي ڪري عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪيس داخل ڪري يقيني ثبوتن سان رپوٽ پيش ڪندا.

ھوڏانھن عدالت تيرت ميڊيڪل اسٽور گلاب لغاري ۽ عطائي ڊاڪٽر شڪور لاشاري جي وڪيل غلام الله  چانگ کي حڪم ڏيندي چيو توھان عدالت ۾ قسم نامون پيش ڪندا ته نه ئي توھان جي اسپتال ھلي پئي نه ئي وري ڪڏھن توھان اسپتال ھلائيندا. جنھن بعد عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 12 ڊسمبر تاريخ ڏيندي ڊائريڪٽر اينٽي ڪوئيڪ ڪيئر ڪميشن ھيلٿ سنڌ ڊاڪٽر اياز کي پڻ طلب ڪري ورتو آھي.