سام سنگ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فولڊ ٿيندڙ موبائل فون متعارف ڪرائي ڇڏي

news

سيئول: خميس 08 نومبر 2018ع: سام سنگ طرفان لڳ ڀڳ هڪ سال اڳ فولڊ ٿيندڙ فون تيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جيڪا ڊگهي انتظار کانپوءِ آخرڪار متعارف ڪرائي وئي آهي.

خابرو اداري موجب ڪمپني طرفان اهو ماڊل سين فرانسسڪو ۾ ٿيندڙ ڊويلپرز ڪانفرنس 2018ع ۾ متعارف ڪرايو ويو، اها فون انفينيٽي فليڪس ڊسپلي سان سلهاڙيل آهي جيڪا کولي ۽ بند ڪري سگهجي ٿي.

جڏهن اها بند ٿيندي ته فون بڻجي ويندي ۽ جڏهن ان کي کوليو ويندو ته ان جي اسڪرني 7.3 انچ جي ٿي ويندي ۽ اها هڪ ٽيبليٽ بڻجي ويندي.

رپورٽ موجب ان فون جي ٿولهه سام سنگ جي اڳوڻن ماڊلز جي حساب سان 45 سيڪڙو گهٽ آهي ۽ ان جي لاءِ اينڊرائيڊ جو هڪ خاص ورزن تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو فون ۽ ٽيبليٽ ٻنهي صورتن ۾ ڪم ڪندو آهي.

ان کان علاوه ان فون ۾ هڪ وقت ۾ 3 ايپليڪيشنز هلائڻ جي صلاحيت به رکي وئي آهي، ڪمپني طرفان ان نئين فون جا وڌيڪ تفصيل اڃان تائين ناهن ٻڌايا ويا ۽ واهپيدارن کي ان کي خريد ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪجهه مهينا انتظار ڪرڻو پوندو.