بل گيٽس ٽيويهه ارب روپيا خرچ ڪري دنيا وارن لاءِ هڪ ٽوائليٽ ٺاهي ورتو

news

بيجنگ: خميس 08 نومبر 2018ع: حاجت کان فارغ ٿيڻ انسان لاءِ تمام ضروري آهي، پر اهو گند ڪٿ ي۽ ڪيئن ٺڪاڻي لڳايون اهو مسئلو انسان جي سامهون صدين کان رهيو آهي.

ڀلو ٿئي آمريڪي ارب پتي بل گيٽس جو جنهن صديون پراڻي ان مسئلي جو حل ڳولي دنيا کي هينئر تائين جي سڀ کان وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي.

هن ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري هڪ اهڙو ٽوائليٽ ٺاهي ورتو آهي جنهن کي سيوريج سسٽم جي ڪابه ضرورت ناهي، ڇو ته ان ۾ ويندڙ گند ڀاڻ ۽ هائيڊروجن گيس بڻجي ٻاهر نڪرندو آهي.

گذريل ڏينهن بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ بل گيٽس پاڻ سان گڏ هڪ ڊٻي ۾ گند کڻي آيو ۽ نئين قسم جي ٽوائليٽ سان ان کي ڀاڻ ۽ هائيڊروجن گيس ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو.

بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن طرفان ان نئين قسم جي ٽوائليٽ جي تياري جي تحقيق جي لاءِ هينئر تائين 20 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي چڪي آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته ان کي وڏي پيماني تي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ اڃان ايترو ئي وڌيڪ خرچ ٿيندو.