ڏوڪري ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ٻياسي ملازمن ۾ يونيفارم ورهايا

news

 ڏوڪري: خميس 08 آڪٽوبر 2018ع: تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ڏوڪري آپا زينت النساءَ کونهارو پاران پنهنجي آفيس ۾ هر سال جيان هن سال به 82 لوئر اسٽاف جي ملازمن ۾ يونيفارم ورهايا ويا. جنهن ۾ عبدالغفار ساريو، رستم ڪنڀر، وزير علي ماچي، حبدار جسڪاني، ولي محمد سانگهرو، ذوالفقار گاڏهي ۽ ٻيا شامل آهن.

ان موقعي تي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر في ميل آپا زينت النساءَ کونهارو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هر سال جيان هن سال به ملازمن کي يونيفارم ڏنا آهن. هن چيو ته ننڍا ملازم اسان جو سرمايو آهن جن کي هر سهولت ۽ هر ايندڙ حڪومت طرفان مراعتون ڏيڻ سان انهن جي حو صلا افزائي ٿئي ٿي.