پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ٽئين ڏينهن به جاري رهنديون

news

اسلام آباد: جمعو 09 نومبر 2018ع: پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ وچ ۾ ڳالهيون اڄ ٽئين ڏينهن به جاري رهنديون.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي وفد سان ٽيڪنيڪل سطح جي ڳالهين ۾ معيشت بابت ڊيٽا شيئرنگ ٿيندي جڏهن ته گذريل ڏينهن پاڪستاني پاور سيڪٽري ۾ نقصانن ۽ وصولين جا تفصيل آءِ ايم ايف کي فراهم ڪيا ويا هئا.

آءِ ايم ايف جي ٽيم اڃان صرف معيشت جي مختلف شعبن بابت انگن اکرن تي بريفنگ ڏٺي رهي آهي ۽ 12 نومبر کان شروع ٿيندڙ پاليسي سطح جي ڳالهين ۾ انهن تي پنهنجو نظريو پيش ڪندي.

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو 20 نومبر تائين جاري رهندو، ڪجهه ڏينهن اڳ ناڻي واري وزير اسد عمر جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پروگرام مان پاڪستان کي 5 کان 6 ارب ڊالر ملندا.