ڪرن جوهر ڪڇ ڪڇ هوتا هي جي سيڪوئل جي ترديد ڪري ڇڏي

news

ممبئي: جمعو 09 نومبر 2018ع: ڳچ عرصي کان افواهون جاري هيون ته بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم ڪڇ ڪڇ هوتا هي جو سيڪوئل ٺاهيو پيو وڃي، جڏهن ته فلمساز ۽ ڊائريڪٽر ڪرن جوهر انهن خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. فلم ڪڇ ڪڇ هوتا هي کي 20 سال پورا ٿي چڪا آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڀارتي ويب سائيٽ بالي ووڊ هنگاما ڪرن جوهر جي ويجهن ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ته هو ڪڇ ڪڇ هوتا جو سيڪوئل ٺاهي پيو ۽ جلد ئي ان جو اعلان ڪندو. رپورٽ م اها دعويٰ به ڪئي وئي هئي ته ڪرن جوهر فلم جي ڪاسٽ کي فائنل ناهي ڪيو جڏهن ته ٽائيگر شروف، عاليا ڀٽ ۽ ديشا پٽني کي فلم ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

اها به دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ان فلم جون هدايتون ڪرن جوهر نه ڏيندو ڇو ته هو پنهنجي فلم تخت ۾ مصروف آهي. جڏهن ته ڪرن جوهر ٽوئيٽر پيغام ۾ فلم جو سيڪوئل ٺاهڻ جي واضح لفظن ۾ ترديد ڪري ڇڏي.