آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ڪيس، حمزا شهباز نيب آفيس لاهور ۾ پيش

news

لاهور: جمعو 09 نومبر 2018ع: آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ڪيس ۾ پنجاب اسيمبلي جو اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز نيب آفيس لاهور ۾ پيش ٿي ويو، نيب حمزا شهباز ۽ سلمان شهباز کي اڄ طلب ڪيو هو، سلمان شهباز لنڊن ۾ موجود هجڻ سبب پيش نه ٿيو.

نيب 2 نومبر تي به ٻنهي ڀائرن کي گهرايو هو پر ڪوبه پيش نه ٿيو، ان کان اڳ 10 آڪٽوبر  تي سلمان شهباز پيش ٿيو هو جڏه نته ان کانپوءِ نيب ان کي ٻيهر ان ڪيس ۾ 2 نومبر  تي طلب ڪيو پر هو ان کان اڳ ئي ملڪ ڇڏي لنڊن روانو ٿي ويو جڏهن ته 2 نومبر تي حمزا شهباز به نيب آفيس اچڻ کان معذرت ڪري ورتي هئي.