ملتان چلڊرن اسپتال ۾ دوائن، سرجيل اوزارن جي خريداري ۾ ڪروڙن جون گهوٻيون

news

ملتان: جمعو 09 نومبر 2018ع: چلڊرن اسپتال ۾ دوائن ۽ سرجيل اوزارن جي خريداري جي مد ۾ ڪروڙين روپين جي خرد برد جو انڪشاف ٿيو آهي.

اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب ملتان چلڊرن اسپتال ۾ دوائون خريد ڪرڻ بان ئي بوگس ڪمپني کي هڪ ڪروڙ 79 لک روپين جي ادائيگي ڪئي وئي جڏهن ته دوائن ۽ سرجيل اوزارن جي خريداري ۾ هڪ ڪروڙ 4 لک جون واڌو ادائيگيون ڪيون ويون.

اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته پرچيز آفيسر ڪامران حفيظ ۽ اڪائونٽنٽ بوگس ادائيگين سان قومي ناڻي کي 2 ڪروڙ 83 لک جو نقصان پهچايو جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ۽ آڊيٽر رمضان ميو جي خلاف به جاچ ڪئي ويندي.

اينٽي ڪرپشن اختيارين ٻڌايو ته چلڊرن اسپتال انتظاميه کان لاڳاپيل رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو ۽ ان حوالي سان جاچ جاري آهي.