هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي واعدي تي عمل ٿي رهيو آهي: مراد سعيد

news

اسلام آباد: جمعو 09 نومبر 2018ع: مملڪتي وزير مراد سعيد دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي واعدي تي عمل ڪري رهي آهي.

سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مواصلات بابت مملڪتي وزير مراد سعيد چيو ته اسان هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو هو، نوڪريون ڏيڻ جي واعدي تي عمل ٿي رهيو آهي ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جي حوالي سان اڳتي وڌي  رهيا آهيون.

ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي چونڊ منشور ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ ۽ 50 لک گهرن جي اڏاوت جو واعدو ڪيو هو، گهرن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جو افتتاح ڪري چڪو آهي. اپوزيشن طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف جي هڪ ڪروڙ نوڪرين جي واعدي کي تنقيد جو نشانو به بڻايو ويندو آهي.