صنم سعيد شادي شدا زندگي ۾ ناڪامي جو سبب پاڻ کي قرار ڏئي ڇڏيو

news

ڪراچي: جمعو 09 نومبر 2018ع: زندگي گلزار هي ۽ ديار دل جهڙن ڪامياب ڊرامن وسيلي سڃاڻپ ٺاهيندڙ ناليواري پاڪستاني اداڪارا صنم سعيد پنهنجي شادي جي ناڪامي جو سبب پاڻ کي قرار ڏئي ڇڏيو.

اداڪارا صنم سعيد بهترين اداڪارا هجڻ سان گڏ تمام سٺي انسان به آهي جنهن کي ڪوڙ ڳالهائڻ پسند ناهي، ڪجهه ڏينهن اڳ هن اداڪارا ثمينا پيرزادا جي شو اسپيڪ يور هارٽ ود ثمينا پيرزادا ۾ پنهنجي شادي ۽ طلاق بابت ڪيترائي انڪشاف ڪيا.

صنم صعيد چيو ته کيس تمام ننڍي عمر ۾ پنهنجي اسڪول جي دوست سان محبت ٿي وئي هئي پر اها محبت گهڻي دير قائم نه رهي سگهي ۽ اهو دوست کيس ڇڏي ويو جنهن کانپوءِ هن فيصلو ڪيو ته هوءَ ڪڏهن ٻيهر محبت نه ڪندي پر کيس هڪ ڀيرو ٻيهر محبت ٿي ۽ ان ئي شخص سان شادي به ٿي.

صنم سعيد پنهنجي شادي شدا زندگي جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته شادي کانپوءِ هوءَ دبئي منتقل ٿي وئي هئي سندس اهي ئي خواب هئا جيڪي هڪ ناري جا هوندا آهن شادي ٻار گهر جو ڪم ڪرڻ پر شادي جي ٻن سالن کانپوءِ ئي هو ان زندگي کان بيزار ٿي وئي.

صنم صعيد چيو ته سندس مڙس تمام سٺو انسان هو پر هو ان کي اها توجهه نه ڏئي سگهي جيڪا هڪ زال کي پنهنجي مڙس کي ڏيڻ گهرجي، شادي کانپوءِ کيس محسوس ٿيو ته هوءَ هڪ زال جيان زندگي نه ٿي گذاري سگهي ۽ نه ڪنهن جي مشورن تي هلي سگهي ٿي هوءَ ڪم ڪرڻ چاهي پئي ڇو ته ان کي ڪم ڪرڻ جي عادت هئي.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته سندس والدا جي بيماري جي وقت ان جي زندگي ۾ ان جو ڪم، سندس والد اهم هئي، مڙس ۽ گهر جي ايتري اهميت نه هئي جڏهن ته شادي شدا زندگي ۾ عورت جي پهرئين ترجيح سندس مڙس ۽ گهر هجڻ گهرجي ۽ اهو سندس مڙس سان تمام غير منصفاڻو عمل هو اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي مڙس کان عليحدگي اختيار ڪري ورتي.