انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ اٺهٺ پئسا وڌي ويو

news

ڪراچي: جمعو 09 نومبر 2018ع: انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ 68 پئسن جي واڌ ٿي آهي، جنهن سبب ڊالر انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ 133 روپين 70 پئسن تي ڏي وٺ ڪري رهيو آهي.

تفصيل موجب پرڏيهه ادائيگين جي توازن ۾ منفي رجحان سبب ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو ٿي ويو آهي، اڄ به انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ 68 پئسا واڌ کانپوءِ پاڪستاني روپئي جي مقابلي ريٽ 133 روپيا 70 پئسا مقرر ٿيو آهي.

معاشي تجزئي نگارن موجب چين طرفان مالياتي پيڪيج بابت حڪومتي واضح موقف نه اختيار ڪرڻ ۽ ادائيگين جي توازن ۾ منفي رجحان سبب روپئي تي دٻاءُ برقرار آهي.