بلديا مواڇ ڳوٺ ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب اٺن ورهين جو نينگر فوت

news

ڪراچي: جمعو 09 نومبر 2018ع: ڪراچي ۾ ڪرنٽ لڳڻ جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي جتي اٺن ورهين جو نينگر ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.

تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي بلديا مواڇ ڳوٺ 2 نمبر وڇاڻي محلي ۾ بجلي جي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 8 ورهين جو نينگر فوت ٿي ويو آهي، واقعي کانپوءِ نينگر جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ڪراچي جي علائقي لياري بڪرا پڙي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب عورت سڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي سوول اسپتال برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.