سنڌ حڪومت پاران جيل کاتي جي خراب ڪارڪردگي جو اعتراف

news

ڪراچي: جمعو 09 نومبر 2018ع: سنڌ حڪومت جيل کاتي جي خراب ڪارڪردگي جو اعتراف ڪري ورتو. رپورٽ موجب سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ جيل کاتي جي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪئئي وئي آهي، جنهن ۾ جيل کاتي جي خراب ڪارڪردگي جو اعتراف ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاشري ۾ ڏوهاري سرگمرين جو رجحان وڌيو آهي ۽ هر سالن جيلن ۾ قيدين جو تعداد وڌي رهيو آهي، سينٽرل جيل ڪراچي جي گنجائش 2400 جڏهن ته قيدي 4 هزار 846 آهن، اهڙي طرح ملير جيل ۾ به گنجائش کان 3 هزار 449 قيدي وڌيڪ آهن، ڪراچي جي هر ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ جيل جي ضرورت آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انتهائي خطرناڪ قيدين جي لاءِ سيڪيورٽي جيل جي اڏاوت به دير جو شڪار آهي، سنڌ جي گهرو کاتي هڪ هزار انتهائي خطرناڪ قيدين کي روڪڻ جي لاءِ هاءِ سيڪيورتي جيل جي اڏاوت لاءِ 300 ايڪڙ زمين جي لاءِ بورڊ آف روينيو کي 2017ع ۾ درخواست ڏني هئي پر ايس بي آر هاءِ سيڪيورتي جيل جي لاءِ لاڳاپيل زمين منتقل نه ڪئي.