والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب ڪشميري نوجوان شهيد

news

سري نگر: جمعو 09 نومبر 2018ع: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگرد ۾ هڪ ٻيو ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويو.

عالمي خابرو اداري موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي پلواما جي علائقي ڊارغني جو گهيرو ڪري ڀارتي فوج گهر گهر تلاشي ورتي جنهن جيدوران هڪ ڪشميري نوجوان کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.

سرچ آپريشن دوران ڀارت نواز ڪٺ پتلي انتظاميه پلواما ضلعي جي علائقي ترال، آوانتي پور ۽ پامپور ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي جڏهن ته انهن علائقن جي داخلي ۽ خارجي رستن کي به بند ڪيو ويو هو.