ميلبرن ۾ چاقو بردار شخص جو حملو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٽي زخمي

news

سڊني: جمعو 09 نومبر 2018ع: آسٽريلوي شهر ميلبرن ۾ چاقو بردار شخص جي حملي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، پوليس حملي آور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

تفصيل موجب آسٽريلوي شهر ميلبرن ۾ چاقو بردار شخص بازار ۾ حملو ڪري ڏنو جنهن سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته ٽي زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي ميڊيا موجب حملي آور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. حملي آور پوليس تي به چاقو سان وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته هن پنهنجي گاڏي کي به باهه ڏئي ڇڏي.

حملي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو، پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.