هفتي ۾ هڪ ڀيرو روئڻ صحت لاءِ فائديمند آهي: تحقيق

news

لنڊن: جمعو 09 نومبر 2018ع: آئي ڏينهن صحت بابت ڪيتريون ئي نيون تحقيقون سامهون اينديون رهنديون آهن، ان ئي سلسلي ۾ صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته روئڻ انساني صحت جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي، ان لاءِ مرد ۽ عورت، ننڍي، وڏي هر هڪ کي هفت ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ضرور روئڻ گهرجي.

عرب ميڊيا رپورٽ موجب جاپان ۾ ڪيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روئڻ سان نفسياتي دٻاءُ ۽ روزاني جي زندگي جي ٿڪاوٽ ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، روئيندڙ شخص روئڻ کانپوءِ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو آهي.

تحقيق ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته روئڻ کلڻ، سمجهڻ، آرام ڪرڻ ۽ ڪافي جو هڪ ڪپ پيئڻ کان بهتر آهي، روئڻ سان روزاني جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ زندگي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي آهي، روئڻ لاءِ ماهر تجويز پيش ڪن ٿا ته روئڻ جي ڪوشش دوران اکين مان ڳوڙها وهڻ به ضروري آهي.

اها تحقيق برطانوي اخبار ۾ شايع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جاپان ۾ هڪ شخص هيدفومي يوشيدافي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جيڪو روئارڻ جو ماهر آهي، اهو ماڻهن کي روڪڻ جا طريقا سيکارڻ سان ان جي فائدن جو به ليڪچر ڏيندو آهي ۽ پنهنجي شاگردن کي ڳوڙها وهائڻ جو انداز سيکاريندو آهي.