اوزون جي تهه تيزي سان بحال ٿيڻ لڳي

news

نيويارڪ: ڇنڇر 10 نومبر 2018ع: زمين وارن ۽ پاڻ زمين جي لاءِ هڪ سٺي خبر اها آهي ته اسان جي مٿان حفاظتي ڇٽي يعني اوزون جي چادر تيزي سان بهتر ٿي رهي آهي اميد آهي ته 2060ع تائين ان تهه ۾ موجود سوراخ مڪمل طور تي ڀرجي ويندو.

ان جو سبب اهو اهي ته گڏيل قومن اوزون کي تباهه ڪندڙ زميني ڪيميڪلز تي 30 سال اڳ مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.

ان ۾ سڀ کان مٿي ڪلورو فلورو ڪاربنز هئا جيڪي هوا ۾ وڃي اوزون کي تباهه ڪري رهيا هئا.

ان حوالي سان هڪ رپورٽ به شايع ڪئي وئي آهي جنهن جي تائيد پاڻ گڏيل قومن جي مجاز ادارن به ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 1989ع ۾ مانٽريال پروٽوڪول جي تحت اوزون دشمن شين ۽ ڪيميڪلز تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي ۽ ان کانپوءِ اوزون جي سطح بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي جڏهن ته ان جي مڪمل بحالي ۾ به اڃان ڪجهه وقت گهربل آهي ۽ 2060ع تائين اوزون جي چادر مڪمل طور تي بحال ٿي ويندي.

زمين کان 20 کان 30 ڪلوميٽر اونچائي تي واقع اوزون جي سطح سج کان ايندڙ خطرناڪ شعائن کي جذب ڪندي آهي ۽ جيڪڏهن اهي شعائون سڌو سنئون زمين تائين پهچي وڃن ته ڪينسر سميت ڪيترن ئي مرضن ۽ پريشانين جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.