ڊي اين اي تصديق کانپوءِ دفنايل شخص ٻن مهينن کانپوءِ واپس اچي ويو

news

آستانا: آچر 11 نومبر 2018ع: قازقستان ۾ ڊي اين اي جي تصديق کانپوءِ دفنايل مڙدا شخص ٻن مهينن کانپوءِ زندا سلامت واپس اچي ويو جڏهن ته وارثن فرانزڪ ليب تي ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

عالمي خابرو اداري موجب اهو حيران ڪندڙ واقعو 63 ورهين جي شخص سان قازقستان ۾ پيش آيو، ذڪر ڪيل شخص 9 جولاءِ تي گم ٿي ويو هو جنهن تي وارثن پوليس ۾ ڪيس داخل ڪرايو.

ڪجهه مهينن کانپوءِ گهر جي ويجهو هڪ لاش هٿ آيو جنهن تي پوليس وارثن کي طلب ڪيو جڏهن ته لاش سڃاڻپ جوڳي نه هجڻ سبب ڊي اين اي ڪرائي وئي جيڪا حيران ڪندڙ طور تي وارثن سان ميچ ڪري وئي، جنهن کانپوءِ آخري رسمون ادا ڪيون ويون.

مردا سمجهيو ويندڙ شخص اورثن کي ٻڌايو ته 6 ميهنن جي لاءِ ڳوٺ کان ٻاهر نوڪري ملڻ سبب هو بنا ٻڌائي هليو ويو هو ۽ نوڪري جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ واپس اچي ويو.