شهرين پاران ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرايل ڪروڙن جون ملڪيتون واپس ڪرڻ جو مطالبو

news

لاهور: آچر 11 نومبر 2018ع: ڊيم فنڊ ۾ ڪروڙين روپين جو ملڪيتون ڏيندڙ ٻن شهرين جا وارث ملڪيتون واپس وٺڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ پهچي ويا.

ڊيم فنڊ ۾ ساڍا 8 ڪروڙ روپين جي ملڪيت ڏيندڙ شاهد شيخ جي گهرواري ۽ 3 پٽ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پيش ٿيا جن کي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪيو.

چيف جسٽس شاهد شيخ جي گهرواري کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان جي مڙس جا اوهان سان لاڳاپا ٺيڪ آهن؟ جنهن تي اُن جي گهرواري چيو ته لاڳاپا ٺيڪ آهن پر سندس ذهني توازن درست ناهي.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جو چوڻ هو ته شاهد شيخ 8 ملڪيتون ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

ان موقعي  تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان تسلي رکو اوهان جون ملڪيتون ڊيم فنڊ ۾ نه وٺنداسين ڇو ته ملڪيتون ٻارن جو شرعي حق آهي جيڪو انهن کان نه کسينداسين.

چيف جسٽس شاهد شيخ کي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو. ڊيم فنڊ ۾ پلاٽ جمع ڪرائيندڙ شهري ارشاد جي گهرواري به مڙس جو ذهني توازن خراب قرار ڏئي پلاٽ واپس ڪرڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان اوهان جي پراپرٽي واپس ڪري ڇڏينداسين ٻيا به گهڻا ئي الله وارا رقم جمع ڪرائي رهيا آهن، فڪر نه ڪريو ڪافي رقم جمع ٿي چڪي آهي.