يمن ۾ حڪومت ۽ حوثي باغين وچ ۾ سخت جهڙپون، ايڪهٺ ڄڻا مارجي ويا

news

حديدا: آچر 11 نومبر 2018ع: يمن جي ساحلي شهر حديدا ۾ حڪومتي ۽ حوثي باغين وچ ۾ ٿيندڙ تازي جهڙپ ۾ 61 ڄڻا مارجي ويا.

عالمي خابرو اداري موجب يمن جو بندرگاهه حديدا حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومتي فورسز ۽ حوثي باعين وچ ۾ سخت ويڙهه جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ 61 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

حڪومتي فورسز دعويٰ ڪئي آهي ته 24 ڪلاڪن کان جاري تازي جهڙپ ۾ 43 حوثي باغين کي ماريو ويو آهي جڏهن ته صدر منصور بادي جا 9 سيڪيورٽي اهلڪار به ان جهڙپ ۾ مارجي ويا، مارجي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙن کي صنعا جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

يمن جي بندرگاهه حديدا پنهنجي ايراضي جي حساب سان چڱي اهميت جو رکي ٿو، باغي ويڙهاڪن کي ان بندرگاهه کان هٿيار ۽ خوراڪ ملندي آهي، حڪومتي فورسز حديدا بندرگاهه کان باغين جو قبضو ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي حملا ڪري چڪي آهي.