سيف علي خان جي ڌيءَ رنبير ڪپور سان شادي جي خواهشمند

news

ممبئي: سومر 12 نومبر 2018ع: بالي ووڊ جي نواب سيف علي خان جي ڌيءَ سارا علي خان چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور سان شادي جي خواهشمند آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽڻ موجب بالي ووڊ جي مشهور پروڊيوسر ڪرن جوهر جي شو ڪافي ود ڪرن ۾ اداڪار سيف علي خان ۽ ڌيءَ سارا علي خان کي دعوت ڏني وئي هئي جڏهن ته اڃان ان پروگرام جو صرف پرومو جاري ڪيو ويو آهي.

ميزبان ڪرن جوهر جڏهن اداڪارا کان شادي بابت پڇيو ته هن جو چوڻ هو ته هوءَ جيڪڏهن شادي ڪرڻ چاهيندي ته رنبير ڪپور سان ڪندي پر گهري دوستي اداڪار ڪارتيڪ آرهان سان ڪرڻ چاهيندي.

ڪرن جوهر سيف کان پڇيو ته هو ڌيءَ کي پسند ڪندڙ انسان کان ڪهڙا 3 سوال ڪندو، جنهن تي سيف چيو ته هو سياست، نشي ڪرڻ جي عادت ۽ پئسن بابت سوال ڪندو، جنهن تي سارا ٽهڪ ڏيندي چيو ته پئسن بابت سوال بلڪل غلط آهي اهو اوهان کي هر هر نه ورجائڻ گهرجي.