ايپل آءِ فون ايڪس ۽ ميڪ بڪ پرو ۾ خامين جو اعتراف ڪري ورتو

news

نيويارڪ: سومر 12 نومبر 2018ع: سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني ايپل اعتراف ڪيو آهي ته ان جي 13 انچ ميڪ بڪ پرو ۽ آءِ فون ايڪس ۾ ڪجهه هارڊويئر مسئلا آهن، سڀ کان پهريان بلومبرگ ويب سائيٽ ان تي هڪ مضمون شايع ڪيو هو جنهن جي ردعمل ۾ ڪمپني جو اعتراف سامهون آيو آهي.

ايپل چيو آهي ته ميڪ بڪ پرو ۽ آءِ فون ايڪس ۾ ڊسپلي اسڪرين تي ٽچ جا مسئلا سامهون آيا آهن.

جيئن ئي ڪو اسڪرين تي ٽچ ڪري ٿو ته اسڪرين يا ان جو ڪجهه حصو ان جو ردعمل ناهي ڏيندو ۽ جام ٿي ويندو آهي، ٻئي طرف نه ڇهڻ جي باوجود به اسڪرين تبديل ٿئي ٿي ۽ هدايتن تي عمل ڪري ٿي.

ايپل وڌيڪ چيو آهي ته جن ماڻهن جي آءِ فون ايڪس ۽ ميڪ بڪ پرو ۾ اهڙا مسئلا سامهون اچي  رهيا آهن اهي مجاز اسٽور مان مفت ان کي تبديل ڪرائي نئين فون يا ميڪ بڪ پرو حاصل ڪري سگهن ٿا.