هالينڊ پاڪستان ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد: سومر 12 نومبر 2018ع: هالينڊ اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتخانو سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي اڻڄاتل مدي تائين بند ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب هالينڊ جي سفارتخاني نئين ويزائن لاءِ شيڊول سمورا انٽوريو ملتوي ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ويزا لاءِ درخواستن جي وصولي به روڪي وئي آهي.

سفارتي ذريعن موجب نيدرلينڊز جي حڪومت سفارتي عملي جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي سفارتخانو بند ڪيو آهي، يورپي ملڪ ويزا لاءِ ٿيندڙ سمورن انٽرويوز کي ايندڙ حڪم تائين روڪي ڇڏيو آهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ نئين ويزا درخواستن جي وصولي به روڪي وئي آهي.

ذريعن موجب هالينڊ حڪومت کي ڪجهه ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو جنهن کي نظر ۾ رکندي نه صرف سفارتخانو پر سمورن قونصل خانن کي به بند ڪيو ويو آهي.