فلم انڊسٽري ۾ ڪم پئسن لاءِ ڪيو: نصير الدين شاهه

news

 ممبئي: سومر 12 نومبر 2018ع: بالي ووڊ اداڪار نصير الدين شاهه چيو آهي ته هن کي حقيقت  ٻڌائيندي شرم محسوس نه ٿو ٿئي ته هن فلم انڊسٽري ۾ ڪم پئسن لاءِ ڪيو.

ميڊيا رپورٽن مطابق اداڪار نصير الدين شاهه چيو آهي ته هن فلم انڊسٽري  ۾ ڪم جي شروعات زندگي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪيو ۽ هن کي اهو ٻڌائيندي شرم محسوس نه ٿو ٿئي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نون اداڪارن کي پڻ پنهنجي ڪم ۽ زندگي جي ضرورتن جي حوالي سان شرم محسوس نه ڪرڻ گهرجي.