سعودي عرب ۾ زال کي گاريون ڏيندڙ مڙس کي چاليهه ڪوڙن جي سزا

news

 جده: سومر 12 نومبر 2018ع: سعودي عرب ۾ اپيل عدالت زال کي گاريون ڏيندڙ مڙس کي 40 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي.

رپورٽن مطابق جده ۾ قائم اپيل عدالت زال پاران داخل ڪيل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ان جي مڙس کي 40 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ان عورت کي چيو آهي ته هوءَ دشنام طرازي ڪندڙ مڙس کي کليل هنڌ تي 40 ڪوڙن جي سزا جو منظر ڏسڻ چاهي ٿي ته ان جو موقعو ڏنو ويندو.

سندس مڙس واٽس ايپ تي اخلاق ۽ آبرو جي حوالي سان الزام هنيا هئا ۽ 600 گاريون لکي موڪليون هيون. واضح رهي ته زال ۽ مڙس جي وچ ۾ ٻارن جي پرورش تي جهيڙو ٿيو هو.