ڪوٽڙي ۾ هٿياربندن هٿان پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان قتل

news

ڪوٽڙي:سومر 12 نومبر 2018ع: ميهڙ جي ڳوٺ کهڙو جي رهواسي نوجوان جبار ڏيپر کي سائيٽ ٿاڻي جي حد ٻٻر اسٽاف تي مامي جي گهر ٻاهران زال سميت نڪرڻ دوران هٿياربندن سندس زال کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت تي هٿياربندن کيس ڳوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان کي تڙپندو ڏسي  رهواسين کڻائي اسپتال منتقل ڪيو پئي ته هو زخمن جا سور نه رستي ۾ سهندي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته لاش ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، مليل ڄاڻ موجب مقتول 6 مهينن کان ڪوٽڙي جي بروهي چوڪ تي رهائش پزير هو ڪوٽڙي ۾ مزدوري ڪندو هو, ڇھ مهينا اڳ ميهڙ واسڻ حسينه بروهي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پيار پرڻو ڪيو هو, عدالت ناري حسينه بروهي کي هڪ مهيني لاءِ دارلامان حوالي پڻ ڪيو هو، جنهن بعد دادو ڪورٽ ۾ ناري نوجوان جي حق ۾ بيان ڏنو هو، جنهن بعد عدالت حسينه بروهي کي نوجوان جبار ڏيپر حوالي ڪري ڇڏيو. 

جڏهن ته نوجوان جبار ڏيپر ٻٻر اسٽاف تي پنهنجي مامي غفار کوسو جي گهر دعوت تي پنهنجي زال سان گڏ ويل هو، جيڪو واپس گهر کان ٻاهر نڪرڻ دوران هٿياربندن جي ڳولين ۾ مارجي ويو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو توقير نعيم ٻڌايو ته نوجوان جي قتل بابت ڄاڻ ملي آھي ته هڪ پلاٽ جو معامرو پڻ آھي، ٻيو ٻڌايو وڃي ٿو مقتول جو پيار پرڻي تان به دشمني هئي.

قتل جو اصل ڪارڻ سندس وارثن جي موقف بعد خبر پوندي، فلحال اسان معامري جي جاچ ڪري رهيا آھيون، جڏهن ته مقتول سان گڏ جيڪا ناري گڏ هئي، ان کي اغوا ڪرڻ جو منهنجي علم ۾ ناهي، باقي ناري جو به پتو لڳائي وٺنداسين. وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. جڏهن ته نوجوان غفار کوسو جي گهر کان ٻاهر نڪتو ته مٿس حملو ڪيو ويو، جنهن ڪري غفار کوسو کي پڻ تحويل ۾ وٺنداسين.01