ٽيهه نومبر وارو جلسو ثابت ڪندو ته بلاول ڀٽو ئي پاڪستاني نوجوانن جي اميد آهي: خورشيد شاهه

news

 ڪراچي: سومر 12 نومبر 2018ع: پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ جڏهن چاهيون جتي چاهيون وڏي انگ ۾ عوام کي گڏ ڪري سگهون ٿا، جيالن ضيا الحق جي مارشل لا ۾ به جلسا جلوس ۽ ريليون ڪڍي ثابت ڪيو ته هو ڏکين حالتن ۾ به سئو سيڪڙو نتيجا ڏئي سگهن ٿا، پارٽي سالگرهه جي سلسلي ۾ 30 نومبر تي سکر ۾ ٿيندڙ جلسو ملڪي تاريخ ۾ اميد جو نئون ڪرڻو ثابت ٿيندو ۽ هي جلسو ثابت ڪندو ته بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي نوجوانن لاءِ اميد آهي. اهڙين ڳالهين جو اظهار هن پ پ پ جي 51هين پارٽي سالگرهه جي حوالي سان قائم ڪيل ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو.

پ پ پ ميڊيا سيل مان جاري پڌرنامي موجب ڪميٽي جو اجلاس سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ سندس رهائشگاهه تي ٿيو. اجلاس ۾ خورشيد شاهه، نثار کهڙو، منظور وساڻ، وقار مهدي، ناصر شاهه، انور خان مهر، اويس قادر شاهه، اعجاز جکراڻي ۽ نعمان اسلام الدين شيخ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جلسي جي انتظامن جي حوالي سان پنڊال جي تياري 28 نومبر تي شروع ڪئي ويندي جڏهن ته مجلس ميمبر 16 نومبر تي ٻيهر انتظامن کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ سکر ۾ خورشيد احمد شاهه جي گهر تي گڏ ٿيندا ۽ 17 نومبر تي پارٽي سالگرهه جي جلسي جي حوالي سان سنڌ ڪائونسل جو اجلاس ڪوٺايو ويندو.

جلسي ۾ بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري مرڪزي ۽ صوبائي عهديدار به خطاب ڪندا. جلسي ۾ چئني صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ ڪشمير مان پارٽي ڪارڪن ۽ عهديدار شرڪت ڪندا.