اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن: احتساب عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي سڏائي ورتو

news

 ڪراچي: سومر 12 نومبر 2018ع: احتساب عدالت اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب 76 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ريفرنس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب 76 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. فاصل جج جي موڪل تي هجڻ سبب ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

ريفرنس جي ٻڌڻي لنڪ عدالت نمبر 2 ۾ ڪئي وئي، نيب جو شاهد به عدالت ۾ موجود هو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهد طلب ڪري ورتا.