اي اين پي بشريٰ گوهر ۽ افراسياب خٽڪ جي پارٽي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي

news

 پشاور: سومر 12 نومبر 2018ع: عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻن بشريٰ گوهر ۽ افراسياب خٽڪ جي پارٽي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي آهي.

اي اين پي پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق پارٽي جي صدر اسفند يار ولي پارٽي مخالف سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، ڪارڪنن ۾ انتشار ڦهلائڻ ۽ پارٽي کي نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ مرڪزي نائب صدر بشريٰ گوهر ۽ سينيئر اڳواڻ افراسياب خٽڪ جي پارٽي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي آهي.