پنجاب جي مختلف شهرن ۾ هلڪي برسات، سموگ ۾ گهٽتائي

news

 لاهور: اڱارو 13 نومبر 2018ع: پنجاب جي مختلف شهرن ۾ رات دير تائين هلڪي برسات جاري رهي، جنهن کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي ۽ اتي سموگ ۾ گهٽتائي پڻ ٿي آهي.

لاهور، ملتان، شيخوپوره، صادق آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رات کان هلندڙ برسات سبب ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي آهي ۽ علائقن ۾ موجود سموگ ۾ به گهٽتائي آئي آهي. چيچاوطني، چڪوال، لوڌران شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سموگ سبب پريشانيون وڌي ويون آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جي رواني به متاثر لڳي پئي آهي.

ماهرن مطابق سموگ دوران شهري ماسڪ جو لازمي استعمال ڪن ۽ ضرورت کانسواءِ گهر کان ٻاهر نه نڪرن.