ويڳي ماءُ ڪرينا ڪپور جي ڪم ۽ انداز مان بيحد متاثر آهيان: سارا علي خان

news

 ممبئي: اڱارو 13 نومبر 2018ع: بالي ووڊ ۾ نئين انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته هوءَ پنهنجي ويڳي ماءُ ڪرينا ڪپور خان جي ڪم ۽ انداز مان بيحد متاثر آهي ۽ ان جي نقش قدم تي هلڻ چاهي ٿي.

بالي ووڊ جي نواب سيف علي خان ۽ اداڪارا امريتا سنگهه جي ڌيءُ سارا علي خان پنهنجي سڳي ماءُ کان نه پر ويڳي ماءُ ڪرينا ڪپور جي ڪم ۽ انداز کان بيحد متاثر آهي. سندس چوڻ آهي ته ڪرينا ڪپور حيرت ۾ وجهندڙ عورت ۽ پروفيشنل اداڪارا آهي، جيڪا گهر ۽ ڪم ٻئي تمام سٺي طريقي سان ڪري رهي آهي، انڪري مان به پنهنجي ڪم کي بلڪل ان طرح سان ڪرڻ چاهيان ٿي  جيئن ڪرينا ڪپور ڪري رهي آهي.

فلمن ۾ انٽري تي پنهنجي والد سيف علي خان جي رد عمل بابت سارا علي خان جو چوڻ آهي منهنجي بابا منهنجي تمام گهڻي حمايت ڪئي آهي، هو سدائين چاهيندو هو ته مان فلم انڊسٽري ۾ انٽري کان پهريان پنهنجي پڙهائي پوري ڪريان.