ارجن ڪپور جي فلم ”انڊياز موسٽ وانٽڊ“ جي شوٽنگ مڪمل

news

 ممبئي: اڱارو 13 نومبر 2018ع: بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور فلم ”انڊياز موسٽ وانٽڊ“ جي شوٽنگ مڪمل ڪري ورتي آهي.

ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن موجب اداڪار ارجن ڪپور هدايتڪار راج ڪمار گپتا جي فلم ”انڊياز موسٽ وانٽڊ“ جي شوٽنگ مڪمل ڪندي ٽوئيٽر تي چيو آهي ته پنهنجي ويزن کي پورو ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۽ ٽيم جي محنت سبب ڪجهه سفر تمام خاص ٿي ويندا آهن ۽ راج ڪمار گپتا سان ڪم ڪرڻ ۽ سندس ٽيم جو حصو بڻجڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. فلم ۾ ارجن ڪپور انٽيلي جنس آفيسر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.