ڀارتي واپاري امباني جي ڌيءَ جي شادي، دعوتنامي وارو في ڪارڊ ٽن لکن ۾ تيار

news

 ممبئي: اڱارو 13 نومبر 2018ع: ڀارتي کرب پتي مڪيش امباني جي ڌيءَ جي شادي 12 ڊسمبر تي ممبئي ۾ طئي ٿي وئي آهي، جڏهن ته سندس شادي لاءِ ڪارڊ 3 لک ۾ تيار ڪيو ويو آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ شادي ڪارڊ جي تصوير سامهون اچي وئي آهي، جنهن جي قيمت 3 لک رپيا ٻڌائي پئي وڃي. شادي جو دعوت نامو هڪ وڏي ڪريم ۽ گلابي رنگ جي باڪس جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، باڪس کلندي ئي ڌن وڄڻ شروع ٿي ويندي آهي.