مهراڻ يونيورسٽي ۾ ”توانائي، ماحوليات ۽ جٽادار ترقي“ بابت ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس سڀاڻي شروع ٿيندي

news

 ڄامشورو: اڱارو 13 نومبر 2018ع: مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ ”توانائي، ماحوليات ۽ جٽادار ترقي“ جي عنوان سان ٽن ڏينهن واري پنجين عالمي ڪانفرنس سڀاڻي مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر ۾ شروع ٿيندي. ڪانفرنس جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ڪندو.

ڪانفرنس جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شيراز ميمڻ موجب مهراڻ يونيورسٽي ۾ “توانائي، ماحوليات ۽ جٽادار ترقي“ جي عنوان سان ٿيندڙ هن پنجين عالمي ڪانفرنس ۾ آمريڪا، برطانيا، ملائيشيا، مصر، آسٽريليا، ترڪي، آسٽريا، چائنا، جرمني ۽ ڏکڻ ڪوريا سميت ڏيهي توڙي پرڏيهي تحقيقدان ۽ لاڳاپيل شعبن جا ماهر خطاب ڪندا.

ڪانفرنس ۾ ملڪ جي توانائي، ماحوليات ۽ پاڻي جي مسئلي تي پڻ تحقيقي مقالا پيش ڪيا ويندا ۽ سفارشون جوڙيون وينديون.