پي ايس ايل جي ڇهين ٽيم لاءِ هينئر کان جوڙ ٽوڙ شروع

news

ڪراچي: اڱارو 13 نومبر 2018ع: پي ايس ايل جي ڇهين ٽيم لاءِ هينئر کان ئي جوڙ ٽوڙ شروع ٿي وئي، ملتان سلطانز جي ئي ڪجهه مانحن گهٽ قيمت تي فيصل آباد جي نالي سان ٽيم خريد ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهيا آهن.

ڪرڪيٽ ذريعن ملتان سلطانز جي پي ايس ايل مان رخصتي ۽ وڏي خساري تي به پي سي بي طرفان نيڪ خواهشن جي اظهار کي حيرت جي نظر سان ڏسي رهيا آهن.

ذريعن موجب اڳوڻي فرنچائز جي ئي ڪجهه ماڻهن هاڻ ايندڙ سال نئين ٽيم خريد ڪرڻ تي نظرون ڄمائي ورتيون آهن، ملتان سلطانز کي 52 لک ڊالر سالياني عيوض وڪرو ڪيو ويو هو، نئين ٽيم جي ان کان ڪافي گهٽ قيمت تي وڪرو ٿيڻ جو امڪان آهي، فيصل آباد جي نالي سان فرنچائز خريد ڪرڻ جي تياري جاري آهي ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان ۾ ملتان سلطانز جا ئي ڪجهه ماڻهو شامل هوندا.

ٻئي طرف ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پي ايس ايل فور ۾ معاملا هلائڻ لاءِ پي سي بي ملتان سلطانز جي ئي ڪجهه آفيشلز جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف جا سمورا اڳوڻا معاهدا برقرار رکيا ويا آهن.