پراڻن ڪپڙن مان اڏاوتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

news

لنڊن: اڱارو 13 نومبر 2018ع: پراڻن ۽ غير ضروري ڪپڙن کي ريشن (فائبرز) ۾ تبديل ڪري انهن کي ٽائيلز ۽ ڀت جي سخت پينلن ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪامياب مظاهرو ڪيو ويو آهي.

پوري دنيا ۾ پراڻا ڪپڙا ٽنن جو ڪچرو پيدا ڪن ٿا ۽ انهن جو ظاهري طور تي ڪو ڪم نه ٿو، جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ وڏو مسئلو ناهي جڏهن ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ تمام تيزي سان ڪپڙا الماڙين بدران ڪچري دانن ۾ اڇلايا ويندا آهن.

آسٽريليا جي يونيورسٽي آف سائوٿ ويلز جي سائنسدان وينا سهج والا سالن جي غور ۽ فڪر کانپوءِ پراڻن ڪپڙن کي ريشن ۾ بدلائي انهن مان اڏاوتي مٽيريل تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اهڙي طرح پراڻن ڪپڙن سان عمارت جون ٽائيلز ۽ ٺوس پينل بڻائي سگهجن ٿا، ايستائين جو پاڻ ان سان فرش به ٺاهڻ ممڪن آهي.

ان جي لاءِ وينا مختلف قسمن جا پراڻا ڪپڙا جمع ڪيا، هر هڪ ڪپڙي مان زپ، بٽڻ ۽ ٺوس شيون ڪڍيون، ان کاپوءِ ڪپڙي کي نرم ڪري هڪ انتهائي نرم شريڊر مشين مان گذاريو جنهن مان ڪپڙو اهڙن سنهڙن ريشن ۾ تبدلي ٿي ويو جنهن ۾ سوتي، پولسٽر، نائلون ۽ ٻين قسمن جا ريشا موجود هئا.

ان کانپوءِ ان ۾ هڪ ڪيميڪل ملائي سڀني ريشن کي جوڙيو ويو ۽ هڪ مشين ۾ دٻائي ٺوس شڪل ۾ تيار يڪو ويو، ان کانپوءِ ان مٽيريل جي ڪيترن ئي طرح کان آزمائش ڪئي وئي.

ڪيٽرين ئي ٽيسٽن ۾ ان کي واٽر پروف، مضبوط، ٺوس ۽ باهه کان محفوظ ڪيو ويو. ان مادي جي افاديت وڌائڻ لاءِ ان ۾ ڪاٺ جو ٻورو ۽ ٻيون شيون جيئن فليس وغيرا شامل ڪري سگهجن ٿا، اهڙي طرح خواهش موجب نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا.