پاڪستاني ريسلر جورڊن بين عالمي چيلينج فائيٽ لاءِ ڊسمبر ۾ يونان ويندو

news

ڪراچي: اڱارو 13 نومبر 2018ع: هاڻ پاڪستاني ريسلر عالمي سطح تي پنهنجا جلوا ڏيکاريندو، ڪراچي سان تعلق رکندڙ جورڊن چيلينج فائيٽ لاءِ ڊسمبر ۾ يونان ويندو.

پاڪستاني ريسلر جورڊن پنهنجي مقابلي ۾ ايندڙ فل بين سان يونين ۾ زور آزمائي ڪندو، سندس مقصد رنگ جو ڪنگ بڻجڻ ۽ پاڪستاني جهنڊو اونچتو ڪرڻ آهي.

ڊسمبر ۾ ٿيندڙ چيلينج فائيٽ لاءِ جورڊن جون تياريون عروج تي پهچي ويون، ريسلر جو چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو ڪنهن انٽرنيشنل فائيٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻي آهي، هدف ڊبليو ڊبليو اي ۾ انٽري آهي.

جورڊن هنن ڏينهن ۾ پاڪستان ريسلنگ فيڊريشن اڪيڊمي جي رنگ ۾ سخت محنت ڪندي فائيٽ جي ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.