يوگنڊا ۾ ناراض شاگرد اسڪول کي ئي باهه ڏئي ڇڏي، يارنهن ٻارڙا فوت

news

يوگنڊا: اڱارو 13 نومبر 2018ع: آفريڪي ملڪ يوگنڊا ۾ اسڪول مان ڪڍڻ تي ناراض شاگرد اسڪول کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ٻارڙا فوت ۽ 40 زخمي ٿي پيا.

ڏکڻ يوگنڊا جي ضلعي جي ڳوٺ مانيا جي سينٽ برنارڊ اسڪول جي انتظاميه نظر و ضبط جي ڀڃڪڙي تي هڪ شاگرد کي ڪڍي ڇڏيو هو جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي شاگرد پنهنجي ساٿين سان گڏجي اسڪول جي بلڊنگ کي باهه ڏئي ڇڏي.

اسڪول ۾ لڳندڙ باهه سبب هاسٽل مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي جڏهن ته باهه ۾ سڙي 11 ٻارڙا فوت ۽ 40 زخمي ٿي پيا. فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي 10 کان وڌيڪ ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن سبب فوتگين ۾ واڌ جو خدشو آهي.

يوگنڊا پوليس جي ترجمان ايميليو ڪئيما ميڊيا کي ٻڌايو ته ناراض شاگرد ٻين 4 شاگردن سان گڏجي اسڪول جي هاسٽل ۾ باهه ڏئي ڇڏي هئي.

پوليس شڪي شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته غفلت ڪرڻ تي اسڪول وارڊن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙ شاگردن جي عمر 15 کان 16 سال جي وچ ۾ آهي.