ڄامشورو: سينٽر آف ايڪسيلنس ۾ نئون تعليمي سال شروع، نئين بئچ کي آجياڻو

news

 ڄامشورو: اڱارو 13 نومبر 2018ع: سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ نئون تعليمي سال باضابطا طور شروع ٿي ويو، جڏهن ته داخلا وٺندڙ نئين بئچ لاءِ پهرين ڏينهن تعارفي ۽ آجياڻي تقريب ڪوٺائي وئي.

تعارفي سيشن ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي فيڪلٽي آف آرڪيٽيڪچر اينڊ سول انجنيئرنگ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد بروهي خطاب ڪندي چيو ته آرٽ جي فيلڊ ٻين سمورن شعبن کان مختلف آهي جيڪا نرالن ۽ من موهيندڙ رنگن سان سرشار آهي، جڏهن ته اعليٰ تعليمي ادارا شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اڳتي وڌڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا، تنهنڪري هتي پڙهندڙ هر هڪ شاگرد کي پنهنجي صلاحيتن کي نکاري، پاڻ ملهائڻو ۽ اداري جو نالو روشن ڪرڻو آهي. هن چيو ته مان دلچسپي وٺي سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ۾ پڙهندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين ۽ انتظاميا سان لهه وچڙ ۾ رهندو آهيان ته جيئن سهولتن کي وڌائي سگهجي ۽ اداري توڙي شاگردن جي مسئلن بابت ڄاڻ حاصل ڪري انهن کي بهتر نموني حل ڪري سگهجي.

ڊاڪٽر خان محمد بروهي چيو ته اسان سڀني کي گڏجي پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪرڻي آهي ۽ ان ڏس ۾ اسان جي وائيس چانسلر جو منهنجي يونيورسٽي وارو نعرو تمام گهڻو مقبول ۽ ڪامياب ٿيو آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ سان اسان انفرادي طور تي ادارن جي مالڪي ڪري سگهون ٿا.

سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر خطاب ڪندي چيو ته سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن منفرد نوعيت جو مظاهرو آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي اها ڪوشش هوندي آهي ته اسان هن اداري مان رڳو مشينون ۽ روبوٽ تيار ڪري نه ڪڍون پر بهترين انسان ٺاهيون جيڪي سماج ۾ پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اسان وقت جي حساب سان آرٽ جي شعبي ۾ ايندڙ ترقيءَ سان گڏوگڏ هلي رهيا آهيون ۽ هن وقت اسان جي اداري جا دنيا جي مختلف ملڪن جي ادارن سان مضبوط واسطا آهن جن جي سهڪار سان ويجهي مستقبل ۾ تمام وڏا پروگرام ڪوٺائي شاگردن توڙي شاگردياڻين کي عالمي سطح جي شناسائي ڪرائينداسين.

ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته نئين بئچ ۾ داخلا وٺندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون انتهائي خوشنصيب آهن ڇاڪاڻ ته اهي نج ميرٽ جي بنياد تي ڪامياب ٿي آيا آهن ۽ اسان کي انهن منجهان ايندڙ وقت ۾ تمام گهڻيون اميدون آهن. شاگردن ۽ شاگردياڻين کي لاڳاپيل شعبن ۾ وٺي وڃي اسٽاف، اسٽوڊيو، ڪلاسز ۽ ٻي بنيادي معلومات بابت فراهم ڪئي وئي.

تقريب کي آرڪيٽيڪچر ڊپارٽمينٽ جي هيڊ پروفيسر عطاءُ المنيم بُلو، پروفيسر اعجاز حسين چوڌري، پروفيسر شوڪت کوکر، ڪميونيڪيشن ڊزائن جي هيڊ شاهد قيوم ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.