صوابي ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تي زال ۽ مڙس قتل

news

صوابي: اربع 14 نومبر 2018ع: خيبرپختونخواهه جي ضلعي صوابي ۾ غيرت جي نالي تي پيءُ ۽ ڀاءُ فائرنگ ڪري ڌيءَ ۽ ان جي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

تفصيل موجب صوابي جي علائقي پابيني ۾ پيءُ ۽ پٽ گڏجي پسند جي شادي ڪرڻ تي ڌيءَ ۽ سندس مڙس کي فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب جوابدار فائرنگ کانپوءِ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي.

پوليس ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻنهي زال مڙس هڪ سال اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي ۽ پنهنجي اباڻي گهر کي ڇڏي ڏنو هو.