مهراڻ يونيورسٽي ۾ ماحوليات، توانائي ۽ جٽادار ترقي جي عنوان هيٺ پنجين عالمي ڪانفرنس شروع

news

ڄامشورو: اربع 14 نومبر 2018ع: مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو طرفان ”ماحوليات، توانائي ۽ جٽادار ترقيءَ“ جي موضوع تي پنجين عالمي ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي، عالمي توڙي ڏيهي ماهرن پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي مسئلي کي ٽئين عالمي جنگ سان ڀيٽي ڇڏيو. پنجين عالمي ڪانفرنس ۾ آمريڪا، برطانيا، ملائيشيا، آسٽريليا، جرمني ۽ چين سميت ٻين ملڪن جي پرڏيهي تحقيقي ۽ صنعتي ماهرن شرڪت ڪئي.

عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيليءَ چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ عالمي ڪانفرنسون هاڻي معمول جو حصو آهن، رڳو توانائي، ماحوليات ۽ ترقيءَ جي موضوع تي هي پنجين عالمي ڪانفرنس آهي جيڪا هر ٻئي سال لڳاتار ٿئي ٿي. هن چيو ته رڳو هن ٽه روزا ڪانفرنس لاءِ سڄي دنيا مان لڳ ڀڳ 200 تحقيقي مقالا پيش ٿيندا، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عالمي ماهر ماحوليات ۽ توانائي جي اشوز کي ڪيترو سنجيدگيءَ سان وٺن ٿا. هن چيو ته دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ روايتي تدريسي ۽ تحقيقي شعبا ختم ٿي رهيا آهن ۽ نوان اڀري رهيا آهن. ڊاڪٽر اسلم عقيلي چيو ته اڳتي هلي انجنيئرنگ جا شعبا سڪڙجي ويندا، ماحوليات، توانائي ۽ ترقيءَ جا مختلف تصور ۽ مظهر رونما ٿيندا ۽ اڪيڊميا کي ان لاءِ هاڻي کان ئي اکيون کولڻ گهرجن. هن چيو ته تحقيق هر صورت ۾ ”پراميد“ هجڻ گهرجي ۽ اميد ڪڏهن به وڃائڻ نه گهرجي.

هن چيو ته عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ ۾ سفارشون جوڙيون وينديون جيڪي پاليسي جوڙيندڙ ادارن کي موڪليون وينديون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جا حڪومتي ادارا ماهرن جي تجويزن ۽ حلن کي اهميت ڏيندي انهن کي لاڳو ڪن. هن چيو ته ماحوليات جو مامرو عالمي سطح تي سڀ کان موثر انداز ۾ اڀري آيو آهي ۽ پاڪستان پاڻي، ماحوليات ۽ توانائي جي سنگين بحرانن مان گذري رهيو آهي، صنعتي ادارن ۽ تدريسي ماهرن ۽ محققن کي گڏجي انهن مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو.

وڪٽوريا يونيورسٽي ميلبورن (آسٽريليا) مان آيل ڊاڪٽر اختر ڪلام مک مقرر طور افتتاحي خطاب ۾ چيو ته دنيا کي ٽين عالمي جنگ جو جيڪڏهن ڪو خطرو آهي ته اهو پاڻيءَ، ماحوليات ۽ توانائي جي اشو تي آهي، ان ڏس ۾ اڪيڊميا جو ڪردار اڃا وڌي وڃي ٿو. هن چيو ته مسئلن جي هيئت تبديل ٿي رهي آهي ۽ ائين تدريسي شعبن جي اهميت پڻ تبديل ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڪنهن به ذهين اسڪالر يا فرد کي ڪا به نوڪري ٽن سالن کان وڌيڪ نه ڪرڻ گهرجي ۽ هر ٽن سالن کانپوءِ نوڪري تبديل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مارڪيٽ ۾ تبديلي هاڻي روز جو معمول آهي، ان ڪري روايتي تدريسي شعبا توڙي ماهر ڏکاين ۾ آهن. ياد رهي ته اختر ڪلام ڪانفرنس دوران پنهنجو 21هين صديءِ ۾ ”سمارٽ پاور گرڊ“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو پيش ڪيو.

اٽلي مان آيل مس ارويا ميريني چيو ته پلاسٽڪ جون ٺهيل شيون سڌريل ملڪن ۾  رد ٿي چڪيون آهن، انهن جي استعمال تي پابندي آهي، پلاسٽڪ جي ڪري آلودگي ڦهلجي ٿي ۽ ماحول متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته ماحول جو سڌي ريت معاشيات سان تعلق آهي. عالمي ڪانفرنس متعلق ڊاڪٽر شاهين عزيز ۽ ڪانفرنس جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شيراز تفصيلي آگاهي ڏني. ڪانفرنس ۾ مختلف فيڪلٽيز جي ڊينز، پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، مختلف شعبن جي سربراهن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جڏهن ته عالمي ڪانفرنس ۾ ڏکڻ ڪوريا، جرمني، چين، آمريڪا مان ڊاڪٽر ٿانيش سيلورتنم، ۽ ڊاڪٽر اديبا رحيم شرڪت ڪئي، ان کان سواءِ ملائيشيا، مصر، آسٽريليا مان ڊاڪٽر اختر ڪلام ۽ ڊاڪٽر ميڪي شرڪت ڪئي. برطانيا، ترڪي ۽ آسٽريا سميت مختلف عالمي ۽ ملڪي ماهرن تحقيقي مقالا پيش ڪرڻ لاءِ شرڪت ڪئي.

ٽن ڏهاڙن واري عالمي ڪانفرنس ۾ تحقيقي مقالا پيش ڪرڻ کانپوءِ سفارشون جوڙيون وينديون، جڏهن ته آخري ڏينهن مختلف ماهرن کي فيلڊ وزٽ (مختلف هنڌن جي دوري) تي نيو ويندو. ياد رهي ته پنجين عالمي ڪانفرنس ۾ مڪمل تحقيقي مقالا 190 موصول ٿيا، جن مان 120 منظور ڪيا ويا.