لاڙڪاڻو: ڪيڊٽ ڪاليج ۾ اقبال ڏهاڙو ملهايو ويو

news

ڏوڪري: اربع 14 نومبر 2018ع:هائير سيڪنڊري ماڊل اسڪول ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ يوم اقبال ڀرپور نموني ملهايو ويو. پروگرام جي صدارت تعليم جي اسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪوالٽي اشوئرنس پرائمري ايجوڪيشن ميڊم زينت النساءَ کوهارو ڪئي، جڏهن ته اسڪول جي پرنسيپال رياض سمون شرڪت ڪئي، پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ شاعر مشرق مفڪر پاڪستان علامه اقبال جي فن ۽ فڪر تي شاگردن تقريرون پڻ ڪيون. تقرير مقابلو ٽن ٻولين سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ٿيو. تقرير مقابلي مان اهو واضح پئي ٿيو ته شاگردن کي پنهنجي مفڪرين سان بيحد پيار آهي، اهو پيار نه صرف شخصيت سان پر سندن فڪر ۽ فن سان پڻ رکن.

تقريري مقابلي کانسواءِ مختلف ٽيبلوز ۽ علامه اقبال جي شاعري کي شاگردن ۽ شاگرياڻين پيش ڪيو. ان کان اڳ هائير سيڪنڊري ماڊل اسڪول ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسيپل رياض سمون خطاب ڪندي چيو ته علامه اقبال هڪ وڏو شاعر هو، سندس فڪر جو ڪو ڪاٿو ڪونهي، سندس شاعري اڄ جي نئين نسل لاءِ پيغام آهي، هڪ اهڙو پيغام جنهن ۾ حوصلو آهي.

هڪ اهڙو پيغام جيڪو مشعل راهه آهي. اقبال جي فڪر سان ئي پاڪستان وجود ۾ آيو، اقبال هڪ عظيم فلسفي آهي سندس فلسفو تصوف تي آڌار آهي. پروگرام جي صدارتي خطاب ڪندي تعليم جي اسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪوالٽي اشوئرنس پرائمري ايجوڪيشن ميڊم زينت النساءَ کوهارو چيو ته پنهنجي عظيم مفڪرن جي ياد ۾ ههڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن. ڇو ته هنن پروگرامن جي ذريعي اڄ نوجوان مسلم فلا سافرن جي شخصيت ۽ سندن فلسفي کان واقف ٿي سگهي ٿو.

اقبال جي فڪر کان متاثر ٿي اڄ جو شاگرد عظيم انسان بڻجي سگهي ٿو. اقبال جي شاعري ۾ امن، محبت، ۽ ڀائيچاري جو درس سمايل آهي، جنهن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هي محنت ڏسي پڪو پهه ٿي ويو آهي ته هتان ئي علامه اقبال شهيد ڀٽو جهڙا عظيم انسان پيدا ٿي سگهن ٿا، شاگردن جي پرمانرمنس ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته هي انشا ءَ الله مسقبل جا معمار آهن. اداري جي استادن ۽ هيڊ ماستر رياض سمون کي جس هجي جنهن هي عاليشان پروگرام جوڙيو آهي. پروگرام جي آخر ۾ تقريري مقابلي ۾ سوڀاري شاگردن منير مگسي، ريحانه نور، پرويز علي، ٽيبلو پيش ڪندڙ شاگردن ۽ شاگرياڻين ۾ ڪومل، ايڪتا، ردا، فائزه ۽ ٻين ۾ انعام ورهايا ويا.01