سنڌ ۾ سٽي اسڪول ۽ بيڪن هائوس اسڪول جي رجسٽريشن معطل

news

 ڪراچي: اربع 14 نومبر 2018ع: سنڌ جي تعليم کاتي سٽي اسڪول ۽ بيڪن هائوس اسڪول جي صوبي ۾ قائم ڪئمپسز جي رجسٽريشن معطل ڪري ڇڏي آهي.

تعليم کاتي مطابق فيسن جي معاملي تي عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سٽي اسڪول جي 56 ڪئمپسز ۽ بيڪن هائوس جي 65 ڪئمپسز جي رجسٽريشن معطل ڪري ڇڏي آهي.

اسڪولن کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ لکيو ويو آهي ته ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ اسڪولز انهن ڏينهن ۾ تعليمي ادارن کي 5 خط لکيا پر انهن ان جو ڪو جواب نه ڏنو.

نوٽيس مطابق 7 ڏينهن اندر عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو ويو ته اسڪولن جي رجسٽريشن بحال ٿي سگهي ٿي نه ته اسڪولن کي سيل ڪيو ويندو.