شگر هڪ دوکيباز ۽ موتمار بيماري آهي، ان بابت آگاهي وقت جي اهم ضرورت آهي: ڊاڪٽر بيکارام

news

 حيدرآباد: اربع 14 نومبر 2018ع: شگر جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکا رام ۽ ٻين طرفان پريس ڪلب حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪري شگر جي مرض کان بچاءَ بابت آگاهي ۽ ان مرض بابت ڄاڻ ڏني وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر بيکا رام چيو ته شگر جو مرض هڪ خطرناڪ ۽ انڌي موت وارو مرض آهي، ان جو مريض ڊاڪٽر وٽ ان وقت پهچي ٿو جڏهن اهو مرض چوٽ چڙهي وڃي ٿو. هن چيو ته لمس ۾ شگر جي مرض جي علاج لاءِ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف هرڊنز جي نالي سان سينٽر هلندڙ آهي، جنهن ۾ شگر سان لاڳاپيل سمورن مرضن جو علاج ڪيو وڃي ٿو.

هن ٻڌايو ته هن وقت تائين ان سينٽر ۾ 31 هزار 700 مريض جيڪي شگر سبب مختلف مرضن جو شڪار بڻجي چڪا هئا انهن جو علاج ٿي چڪو آهي. هن ٻڌايو ته اهو سينٽر ننڍو هجڻ سبب هيڪ کي ان لاءِ ڌار عمارت بابت درخواست ڏني وئي آهي. ان موقعي تي ناليواري ڊاڪٽر پروفيسر قمر الزمان شيخ ٻڌايو ته ان مرض بابت نه رڳو مريضن پر عوام ۽ ڊاڪٽرن جي به تربيت ضروري آهي ۽ لمس طرفان ايم اي سي پروگرام شروع ڪري ڊاڪٽرن جي تربيت ڪئي ويندي.

هن ٻڌايو ته شگر جي بيماري دوکيباز بيماري آهي جيڪا اوچتو ظاهر ٿئي ٿي، ان سبب گڙدا مڪمل طور تي ختم ٿي وڃن ٿا ۽ علاج رڳو ڊائلاسز رهجي وڃي ٿو، جڏهن ته ان مرض سبب دل جو دورو چار ڀيرا وڌيڪ ۽ فالج پڻ چار ڀيرا وڌي وڃي ٿو جڏهن ته جسم جا ڪيترائي حصا ڪٽجي به سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته اسان وٽ لائيف اسٽائيل جي تبديلي سبب ۽ فاسٽ فوڊ، ٿولهه ۽ واڪ نه ڪرڻ سبب اهو مرض وڌي رهيو آهي، جڏهن ته روزانو اڌ ڪلاڪ خالي پيٽ واڪ پڻ ان جو بهترين علاج آهي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر بيکا رام سان گڏ پروفيسر قمر الزمان شيخ، ڊاڪٽر سميع الله شيخ ۽ سروپ ڀاٽيا سميت ٻيا پڻ گڏ هئا.