ڪوبه اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته اڳتي ڇا ٿيندو: سارا علي خان

news

 ممبئي: اربع 14 نومبر 2018ع: بالي ووڊ اداڪاره سارا علي خان چيو آهي ته اسان سڀ پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ آيا آهيون ۽ ڪو به اهو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي ته اڳتي ڇا ٿيندو.

ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب اداڪاره سارا علي خان اداڪاره جهانوي ڪپور سان گڏ مقابلي ۽ هلندڙ سال بهترين نئين اداڪاره جو ايوارڊ کٽڻ سان متعلق انٽرويو ۾ چيو آهي ته اسان سڀ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪو به اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿيندو.

سارا علي خان فلم ”سمبا“ ۽ ڪيدار ناٿ“ ۾ نظر ايندي.