سنڌ اسيمبلي اجلاس: ڪنور نويد جميل کي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي ايوان ۾ گوڙ

news

 ڪراچي: اربع 14 نومبر 2018ع: سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر ڪنور نويد جميل کي پنهنجو ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي مخالف ڌر ايوان ۾ گوڙ ڪيو. مخالف ڌر جي ميمبرن اسپيڪر جي سيٽ اڳيان اچي احتجاج ۽ سخت گوڙ ڪيو.

ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته هو ايوان کي قاعدن موجب هلائيندي، اسپيڪر آغا سراج دراني به پنهنجي رولنگ ذريعي مخالف ڌر کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني. ڪارروائي دوران ڪراچي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سان ٻن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي به ايوان ۾ گوڙ ٿيو ۽ سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي وئي.

جي ڊي اي جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي پنهنجي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته فوڊ اٿارٽي هاڻي اگهور ننڊ مان جاڳي آهي، جڏهن ٻه گلن جهڙا ٻارڙا فوت ٿيا. سندس چوڻ هو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جو اسٽاف نه هجڻ سان معاملي جو ايوان نوٽيس وٺي. هن چيو ته سنڌ ۾ ليبارٽرين جو حال خراب آهي. هن چيو ته حالت اها آهي جو هتي زبان سان چکي ٻڌايو وڃي ٿو ته شراب آهي يا ماکي. هن چيو ته خوراڪ واري وزير هري رام ڪشوري رام پاڻ ئي سنڌ فوڊ اٿارٽي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. عورت ميمبر جذباتي ٿي چيو ته هو گلن جهڙن ٻارڙن جي موت تي مائرن جا جگر ٽٽي پيا آهن ۽ اسان اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته سنڌ حڪومت ڪٿي آهي.

نصرت سحر عباسي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي خوراڪ جي وزير چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي ايڪٽ 2017 ۾ منظور ٿيو جڏهن ته اٿارٽي 2018 ۾ قائم ٿي، فوڊ اٿارٽي جا 3 ڊائريڪٽر ۽ ٽي ئي ڊپٽي ڊائريڪٽر آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي بورڊ مارچ 2018 ۾ جوڙيو ويو هو، سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ پنجن آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو، فوڊ اٿارٽي ڇهن مهينن ۾ 16 لک رپيا ڏنڊ وصول ڪيو، سنڌ فوڊ اٿارٽي 5598 مختلف هوٽلن ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپا هنيا، مختلف هوٽلن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن ۽ اتان کاڌي پيتي جي شين جا نمونا به حاصل ڪيا ويا. حڪومت صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌا فراهم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي.

سنڌ اسيمبلي جي تڪ 113 ۾ سيوريج نظام جي خراب صورتحال بابت پي ٽي آءِ جي شاهنواز جدون جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته جن علائقن بابت عزت واري ميمبر ڳالهايو آهي، ان ۾ اڪثر ڪنٽرول ڊي ايم سي وٽ آهي ڊي ايم سي جا چونڊيل چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جا آهن. سعيد غني خاطري ڪرائي ته هن تڪ ۾ سيوريج جو نظام ٺيڪ ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم جي قيدي ميمبر جاويد حنيف پنهنجي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي ذريعي ايوان جو ڌيان سيف سٽي تحت هن منصوبي ڏانهن ڇڪايو سندس چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير جي اعلان باوجود ڪراچي شهر ۾ سي سي ٽي وي ڪئيمرا نه لڳي سگهيا آهن هن منصوبي جو سنڌ ۾ وڏي وزير پاران 2016 ۾ اعلان ڪيو ويو هو پر هن منصوبي تي اڄ تائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته لاهور سميت ٻين هنڌن تي هي منصوبو مڪمل ٿي ويو آهي. جاويد حنيف چيو ته ڪراچي ۾ هي منصوبو مڪمل ٿيڻ سان اسٽريٽ ڪرائيم کي ٻنجو ڏيڻ ۾ مدد ملندي.

مڪيش ڪمار چاولا چيو ته هي منصوبو اهم آهي ۽ سيف سٽي منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت سنجيده آهي. هن ايوان کي ٻڌايو ته گهرو کاتي تحت ڪراچي ۾ 10 هزار ڪيميرا لڳائڻ جو منصوبو ڌار آهي. ايم ڪيو ايم اسيمبلي ميمبر عديل شهزاد پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ذريعي اورنگي ٽائون ۾ پاڻي جي سخت کوٽ جي مسئلي ڏانهن ايوان جو ڌيان ڇڪائيندي چيو ته اورنگي ٽائون سان پاڻي جي ورڇ جي معاملي ۾ ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي. جتي پاڻي جي صحيح ورڇ نه پئي ڪئي وڃي ۽ پسند ۽ نه پسند جي بنياد تي مختلف علائقن کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته اورنگي ۾ ميت جي غسل لاءِ به پاڻي ناهي هوندو.

سعيد غني ان معاملي تي سنڌ حڪومت جو موقف بيان ڪندي چيو ته اولهه ضلعي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جو اهم ذريعو حب ڊيم آهي، مينهن نه وسڻ سبب حب ڊيم سڪي ٺاٺ ٿي ويو آهي، اولهه ضلعي کي سئو ملين گيلن بدران 40 ايم ڊي جي پي پاڻي ڏنو پيو وڃي، پاڻي جي ورڇ لاءِ پاڻي جي فراهمي واري نظام کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، اورنگي ۽ بلديا ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي جي حالت خراب آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي ۾ پاني جي فراهمي بهتر ٿي ويندي.