پاڪستان جي وڏي عدالت به تحريڪ انصاف جي ڪارڪردگي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن: مرتضيٰ وهاب

news

 ڪراچي: اربع 14 نومبر 2018ع: سنڌ جي وڏي وزير جي قانون اينٽي ڪرپشن ۽ اطلاعات جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي تبديلي جي وڏين دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي خالي دعويٰ ۽ عوام آڏو ريت جي ڀت ثابت ٿي آهي ۽ تحريڪ انصاف جي نعرن جي دوکي عوام کي مايوس ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهي ئي چهرا عوام آڏو آيا آهن جن ماضي ۾ عوام کي دوکي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ۽ هاڻي تبديلي جي نعري ذريعي عوام کي وڌيڪ بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهجي.

هن چيو ته تبديلي جي سرڪار سونامي جو وڏو ذڪر ڪندي هئي پر هاڻي لڳي ٿو ته اها سونامي رڳو دوکو ۽ بداخلاقي جو طوفان هو. صوبائي صلاحڪار چيو ته چيف جسٽس به اهو چوڻ تي مجبور آهي ته حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت مهانگائي، بيروزگاري وڌائي ڇڏي آهي.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۽ روزگار ڏيڻ ۾ مثالي ڪم ڪيو آهي، عوام جي مجبورين جو احساس ڪندي اهم فيصلا ڪيا آهن.