نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا آهن: گهرو وزارت

news

 لاهور: اربع 14 نومبر 2018ع: گهرو وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪيا ويا آهن.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز، ناٺي محمد صفدر، حسن نواز، حسين نواز ۽ اسحاق ڊار جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. گهرو وزارت طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

گهرو وزارت جي اختيارين پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته حسن نواز ۽ حسين نواز جي پاڪستان واپسي تي سندن نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويندا جڏهن ته اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن.